شينزن – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پنجن ڏينهن ??ي چين جي سرڪاري دوري جي پهرين مرحلي جي لاءِ شينزن پهچي ويو. وزيراعظم جو شينزن هوائي اڏي تي اعليٰ چيني عملدارن، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ، پاڪستان جي چين ۾ سفير خليل هاشمي ۽ اعليٰ سفارتي اهلڪارن شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان اڄ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي شينزن جي لاءِ سيڪريٽري مينگ فينلي ملاقات ڪندو جنهن ۾ چين پاڪستان تعاون جي وڌيڪ فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم سڀاڻي پاڪ چائنا بزنس فورم ۾ شرڪت ڪندو، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾مختلف شعبن ۾ تعاون ?? حصيداري جي لاءِ فورم هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيراعظم ناليواري چيني هاءِ ٽيڪ ڪمپنين جي سربراهن ??ان پڻ ملاقات ڪندو. پاڪستاني وفد ۾ ناليوارين پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن س??يت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفا??ي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفا??ي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفا??ي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وفا??ي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفا??ي وزير عطاءُ الله تارڙ، غذائي تحفظ وارو وفا??ي وزير راڻا تنوير حسين، واپار وارو وفا??ي وزير ڄام ڪمال خان، نجڪاري وارو وفا??ي وزير عبدالعليم خان ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ شامل آهن.