رياض -27 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اقتصادي فورم جي ??صوصي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض پهچي ويو، رياض جي ??ائل ايئرپورٽ تي رياض ريجن جي ڊپٽي گورنر شهزاده محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف 28 کان 29 اپريل 2024ع تائين منعقد ٿيندڙ عالمي سهڪار، ترقي ۽ توانائي بابت عالمي اقتصادي فورم جي ??صوصي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، ان دوري جي ??عوت ولي عهد ۽ وزيراعظم سعودي عرب محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ عالمي اقتصادي فورم جي ??اني ايگزيڪيوٽو چيئرمين پروفيسر ڪلاس شواب ڏني هئي. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب سميت اعليٰ سطح جو وفد پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندو، وزيراعظم ۽ وزير واپار ۽ سيڙپڪاري جي قدم??، سيڙپڪاري جي نئين فريم ورڪ، سپلاءِ چين جي نئين سر تنظيم سازي، جٽادار ترقي ۽ توانائي سان لاڳاپيل مسئلن تي ڊبليو ايم ايف ڳالهين ۾ شرڪت ڪندا. فورم ۾ اعليٰ سطح جي ??رڪت خاص طور تي عالمي صحت جي ڍانچي ۾ پاڪستان جي ??رجيحن، جامع ترقي، علائقائي سهڪار کي زنده ڪرڻ ۽ ترقي ۽ توانائي جي کپت کي هٿي ڏي?? وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ جي ??رورت کي پيش ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو، تقريب جي ??ائيڊ لائين تي وزيراعظم ۽ سندس وفد عالمي اڳواڻن جن ۾ سعودي قيادت، عالمي تنظيمن جا سربراهه ۽ تقريب ۾ شريڪ ٻين اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو.