اسل??م آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ڪاربن ڪريڊٽس پاليسي رهنما اصولن جي حوالي سان هتمي پاليسي سازي تي صوبن سان مشاورت جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان موسمي??تي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن کان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف جي صدارت ۾ موسمي??تي تبديلي بابت پاڪستان ڪائونسل جو ٽيون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيرن اسحاق ڊار، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، سردار اويس خان لغاري، وزيراعظم جي موسمي??تي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظ??، گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ چئني صوبن جي وڏن وزيرن پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته 2022ع جي برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻوڏ سان ملڪ بري طرح متاثر ٿيو، خادم پاڪستان جي ناطي ٻوڏ جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي سان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ موسمي??تي تبديلي جي حوالي سان پ??ڪستان جو ڪيس وڙهيو، احسن اقبال ۽ شيري رحمان سان گڏوگڏ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ وزارتن گڏجي پاڪستان کي ان مشڪل وقت مان ڪڍڻ ۽ پاڪستان ۾ موسمي??تي تبديلي جي حوالي سان انفراسٽرڪچر ٺاهڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا. هن چيو ته دوست ملڪن، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل موسمي??تي تبديلي کان متاثر پاڪستانين جي پڪار تي لبيڪ چيو جنهن جي لاءِ مون سميت پوري قوم سندس ٿورائتي آهي. وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ وفاق کي گڏجي موسمي??تي تبديلي جي حوالي سان پ??ليسي سازي ڪرڻي آهي، موسمي??تي تبديلي جي حوالي سان اسان جي چئلينجز ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته سڄي ملڪ ۾ ڪاربن ڪريڊٽس جي حوالي سان قدمن ۾ بهتري آئي آهي جن کي وڌيڪ تيز ۽ موثر ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ڪاربن ڪريڊٽس جي حوالي سان پ??ليسي رهنما اصولن جي حوالي سان حتمي پاليسي سازي تي صوبن سان مشاورت جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته موسمي??تي تبديلي بابت سمورن معاملن تي صوبن جي مشاورت کانسواءِ ڪنهن به قسم جي پاليسي سازي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. اجلاس ۾ پاليسي گائيڊ لائينز فار ٽريڊنگ ان ڪاربن ڪريڊٽس جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم صوبن سان مشاورت کانپوءِ ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ مسودو پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏين وزيرن پ??ليسي سازي جي حوالي سان پنهنجي پنهنجي صوبي جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم موسمي??تي تبديلي واري وزارت کي ان اهم پاليسي مسودي جي لاءِ صوبن ۽ سمورين ڌرين کي مڪمل طور تي اعتماد ۾ وٺڻ جي هدايت ڪئي.