اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس ٻيهر وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبا??ڪب??د ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم مبا??ڪب??د ۽ نيڪ خواهشن تي تاجڪ صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف 2022ع ۾ تاجڪ صدر جي پاڪستان جي گذريل ??ور?? کي ياد ڪندي تاجڪستان جي ??ور?? جي دعوت ڏيڻ تي تاجڪ صدر جا ٿورا مڃيا. ٻ??هي اڳواڻن ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ موجوده سياسي، واپاري، اقتصادي، ثقا??تي ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ويجهو رابطو رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. تاجڪ صدر اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو جنهن تي وزيراعظم ٿورا مڃيا.