اسلام آباد ??? 12 – مارچ (اي پي پي) وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت ۾ پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت ۾ پنهنجي آفيس اچڻ تي اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت وزارت جي ٻين اعليٰ آفيسرن وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. عطاءُ الله تارڙ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو سينيئر اڳواڻ آهي، هو تڪ اين اي 127 لاهور تان قومي اسيمبلي ميمبر چونڊيو آهي. ايوان صدر ۾ بحيثيت وفاقي وزير حلف کڻڻ کانپوءِ اڄ اڱاري ڏينهن اطلاعات وا??ي وزارت ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اطلاعات وا??ي وزارت ??ا دروازا صحافي برادري جي لاءِ کليل رهندا، ملڪ ۾ مثبت ۽ تعميري صحافت کي فروغ ڏيڻ ۽ حڪومت ۽ ميڊيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت ??هي. هن چيو ته حڪومتي قدمن ۽ پاليسين کي عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ ميڊيا سان گڏجي ڪم ڪنداسين، ميڊيا عوام ?? حڪومت جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي، ان ڪردار کي بهتر طريقي سان نڀائڻ جي ضرورت ??هي.