اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ”دي اڪانومسٽ“ آڏو عمران خان جي گهوسٽ آرٽيڪل جي ڇپجڻ جو معاملو اٿاريو ويندو. دي اڪانومسٽ ۾ مبينا طور تي عمران خان جي ??وا??ي سان شايع ٿيندڙ مضمون جي ??وا??ي سان سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته ”دي اڪانومسٽ“ جي ايڊيٽر کي مبينا طور تي عمران خان پاران لکيل آرٽيڪل بابت لکيو ويندو. هن چيو ته اها ڳالهه حي??ان ۽ پريشان ڪندڙ آهي ته ميڊيا جي هڪ معزز اداري هڪ اهڙي ماڻهو جي نالي سان مضمون شايع ڪيو جيڪو جيل ۾ آهي ۽ ان کي سزا ٿي چڪي آهي. هن چيو ته اخلاقي معيارن کي برقرار رکڻ ۽ ذميواراڻي صحافت کي فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته اسان ڄاڻڻ چاهينداسين ته ”دي اڪانومسٽ“ پاران مضمون ڇپجڻ جي ??وا??ي سان اداراتي فيصلو ڪيئن ڪيو ويو؟ مواد جي قانوني حي??يت ۽ اعتبار جي ??وا??ي سان ڪهڙين ڳالهين کي نظر ۾ رکيو؟ هن چيو ته ڇا ”دي اڪانومسٽ“ دنيا جي ڪنهن ٻئي حصي مان جيل ۾ بند سياستدانن جا گهوسٽ آرٽيڪل شايع ڪيا آهن؟ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته جيڪڏهن جيل ۾ بند ڏوهاري ميڊيا کي لکڻ جي لاءِ آزاد هجن ته اهي پنهنجي هڪطرفي شڪايتن کي نشر ڪرڻ جي لاءِ سدائين ان موقعي جو استعمال ڪن ها.