اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو آهي ته اڄ جي ??ين??ن ڪنٽرول لائين جي ??نه?? طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري شهداءِ ڄمون کي ڀرپور خراج عقيدت پي?? ڪن ٿا، ڄمون جي مسلمانن جي وڏي پئماني تي نسل ڪشي ۽ ا??هن تي ڪيل بدترين ظلمن جي شديد لفظن ?? مذمت ڪريون ٿا. شهداءِ ڄمون ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پي??ام ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو ته ڄمون ۾ سيپٽمبر کان 6 نومبر 1947ع تائين اٽڪل اڍائي لک مسلمانن جو قتل عام ٿيو، 25 هزار کان وڌيڪ عورتن کي اغوا ڪيو ويو ۽ لکين ڪشميرين پاڪستان طرف هجرت ڪئي، مسلمانن جو اهو قتل عام هڪ جامع ۽ منظن منصوابندي تحت ٿيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته مسلمانن جي قتل عام ۾ پٽيالا فوسز، آر ايس ايس ۽ ٻيا انتهاپسند جٿا ملوث هئا، مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي لاءِ وحشيت جو مظاهرو ڪيو ويو، اڄ ا??هن پناهگيرن جو نسل هتي زندگي جي هر شعبي ۾ ڀرپور نمائندگي ڪري رهيو آهي، شهيدن جي مقدس مشن جي تڪميل جي لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻينداسين.