اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بنيادي صحت جي سهولتن تي هر پاڪستاني جو حق آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو ??ي ان تائين پهچ يقيني بڻائيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت واري عالمي اداري جي پاڪستان ۾ نمائندي ڊاڪٽر پليٿا ماهي پالا سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجُود هئا. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم صحت جي عالمي اداري ۽ ٻين حصيدارن جا پاڪستان جي صحت واري شعبي ۾ سڌارن ۾ تعاون تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم صحت جي عالمي اداري پاران سڄي پاڪستان سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بنيادي صحت مرڪزن جي اپ گريڊيشن جي قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم چيو ته صحت جي عالمي اداري جي عطيو ڪيل موبائيل صحت اسپتالن ۽ ايمبولينسز سان بنيادي صحت جو?? سهولتون عام ماڻهو ??ي گهرن جي درن تائين پهچايون وينديون. ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن تائين بنيادي صحت جو?? سهولتون پهچائڻ جي لاءِ موبائيل هيلٿ يونٽ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته بنيادي صحت جو?? سهولتون هر پاڪستاني جو حق آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو ??ائين ان جي پهچ يقيني بڻائيندي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم کي ??ڌايو ويو ته پاڪستان ۾ 464 صحت جي بنيادي مرڪزن جي اپ گريڊيشن جي ميگا پراجيڪٽ تي ڪم ايندڙ ٻن مهينن جي مختصر عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم کي ??ڌيڪ ٻڌايو ويو ته موبائيل هيلٿ يونٽ نه رڳو ماڻهن کي علاج جو?? بنيادي سهولتون فراه?? ڪندو پر ڊيجيٽل نظام تحت اهو ??حت جي يونٽ جي مرڪزي نظام سان ڳنڍيل هوندو ۽ مريضن کي ??ڏين اسپتالن ۾ ريفر به ڪري سگهندا. بعد ۾ نگران وزيراعظم صحت جي عالمي اداري ۽ قومي صحت واري وزارت جي وچ ۾ ليٽر آف انڊراسٽينڊنگ تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم صحت جي عالمي اداري پاران عطيو ڪيل 5 ايمبولينسز، هڪ موبائيل ڪلينڪ ۽ 2 ويڪسينيشن وينز جو پڻ جائزو ورتو.