اسلام آباد – 13 ?? سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ??هي ته رياست پاڪستان جي رياست جي نمائندگي حڪومت جا ادارا ڪن ٿا، ڪو به غيررياستي ۽ غ??رح??ومتي شخص رياست جي نمائندگي نه ٿو ڪري سگهي. صحافي انصار عباسي جي ٽوئيٽ تي ردعمل ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت ۽ پاڪستان جي رياست جي نمائندگي رياست ۽ حڪومت جا ادارا ڪن ٿا، اسان جي حڪومت ڪنهن غيررياستي ۽ غ??رح??ومتي شخص يا اداري کي اهڙي ڪنهن به سرگرمي جي لاءِ نه نامزد ڪيو ۽ نه ئي ڪو اهڙو شخص يا ادارو رياست يا حڪومت جي نمائندگي ڪري سگهي ٿو.