اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ۽ ساڻس گڏ شهيد ٿيندڙ آفيسر اسان جي قوم جو فخر آهن، قوم ڪڏهن به انهن جون قربانيون نه وساريندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز ۽ ساڻس گڏ شهيد ٿيندڙ آفيسر اسان جي قوم جو فخر آهي، انهن جي شهادتن کي اڄ پورو هڪ سال گذري ويو آهي، مون سميت سڄي قوم لسٻيلا هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت ماڻيندڙ ملڪ جي انهن عظيم فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. تاريخ گواهه آهي ته ملڪ کي ميري اک سان ڏسندڙ دش??ن جو مقابلو هجي، دهشتگردي جي ناسور جو خاتمو هجي يا قدرتي آفتون هجن، قوم جڏهن به پنهنجي جوانن کي ياد ڪيو انهن پنهنجو رت قربان ڪرڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻ??يو. قوم ڪڏهن به انهن جون قربانيون نه وساريندي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي شهيد، برگيڊيئر امجد حفيظ شهيد، برگيڊيئر م??مد خالد شهيد، ميجر سعيد ا??مد شهيد، ميجر ايم طلحيٰ منان ش??يد ۽ نائيڪ مدثر فياض شهيد جون تصويرون به شيئر ڪيون.