اسلام آباد – 21 ?? جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته او آءِ سي جي پليٽ فارم تان ان شيطانيت جي تدارڪ جي گڏيل حڪمت عملي ٺاهينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته او آءِ سي کي مسلمان امت جي احساسن جي ترجماني ۽ ان شيطانيت کي روڪرائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو آهي. تورات، انجيل ?? قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي اجازت ڏي?? جي فيصلي کي تبديل ڪر?? جي مهم هلائينداسين. مقدس ڪتابن، هستين ۽ شعائر جي بي حرمتي اظهار جي نه دنيا کي مستقل آزار ڏي?? جي آزادي آهي. هن چيو ته واقعن جو تسلسل ۽ ترتيب ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهو اظهار نه پر سياسي ۽ شيطاني ايجنڊا جو حصو آهي. پوري اسلامي دنيا ۽ مسيحي دنيا کي گڏجي ان سازش کي روڪڻو پوندو. هن چيو ته شيطان جا پيروڪار ان ڪتاب جي بي حرمتي ڪري رهيا آهن جنهن انسانن کي عزت ڏني، حق ۽ رهنمائي ڏني. تورات ۽ انجي?? جي بي حرمتي جي اجازت ڏي?? جي فيصلي سان بي حرمتي ڪندڙن جي حوصلا افزائي ٿي. هن چيو ته اهو نفرت جو فروغ آهي جنهن جي عالمي قانون اجازت نه ٿو ڏي. مذهبي جذبا ڀڙڪائڻ، اشتعال انگيزي، دهشتگردي ۽ تشدد تي اتساهڻ جا اهي رويا دنيا جي امن جي لاءِ هاڃيڪار آهن. هن چيو ته اهي رويا قانوني ۽ اخلاق?? ٻنهي لحاظ کان ئي شديد نفرت جوڳا ۽ مذمت جوڳا آهن.