اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو عوام ۽ سياسي پارٽيون هٿياربند فوج جي وقار، عزت ۽ سلامتي کي مجروح ڪرڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻائينديون، عمران خان جون ڌم??يو??، تشدد ۽ نفرت جي سياست جو وقت ختم ٿي چڪو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراع??م چيو ته عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير خلاف مسلسل گندي، نفرت انگيز ۽ بدنيتي تي ٻڌل مهم ۾ مصروف آهي، مختلف پراڪسين جو استعمال ڪري آرمي چيف تي قاتلاڻي حملي جي ڌمڪي ڏيڻ جي سندس چال بري طرح بي نقاب ٿي چڪي آهي. وزيراع??م چيو ته رياستي علامتن تي منظم طريقيڪار سان منصوبه بندي سان ڪيل حملي جي ناڪامي کان پوءِ واضح ٿي چڪو آهي ته هو اقتدار ۾ واپس اچڻ لاءِ بي چين آهي، کيس خبر ناهي ته ڌمڪين، تشدد ۽ نفرت جي سياست جو وقت ختم ٿي چڪو آهي. وزيراع??م چيو ته اهڙي طرح جي گندين حرڪتن ذريعي هو صرف پنهنجو پاڻ کي بي نقاب ڪري رهيو آهي ۽ سندس بنيادي مقصد ذاتي مفادن لاءِ سڀ ڪجهه داءَ تي لڳائي اقتدار تي قبضو ڪرڻ آهي. وزيراع??م چيو ته پاڪستان جو عوام ۽ سياسي پارٽيون آرمي چيف ۽ هٿياربند فوج سان جبل وانگر گڏ بيٺل آهن، پاڪستان جو عوام ۽ سياسي پارٽيون هٿياربند فوج جي وقار، عزت ۽ سلامتي کي مجروح ڪرڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻائيندا.