اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بغداد پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب ع??اق?? گادي واري شهر بغداد پهچڻ تي ع??اق?? نائب پرڏيهي وزير سميت ٻين ع??اق?? عملدارن، بغداد ۾ پاڪستان جي سفير احمد امجد علي ۽ سفارتخاني جي سينيئر آفيسرن ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير اڄ باضابطا ڳالهيون پڻ ڪندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي دوري جي دعوت ع??اق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين ڏني آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دوري دوران ع??اق?? قيادت سان ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن ۽ ٻطرفي تع??ون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکندو. پرڏيهي وزير جي عراق جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي، ثقافتي تع??ون ۽ ويزا جي سهولت بابت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون پڻ متوقع آهن.