ا??لا?? آباد – 02 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ ??طر??ي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس تبليسي ۾ منعقد ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ جارجيا جي نائب پرڏيهي وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي لاڳاپيل ڌرين جي قيادت ڪئي. جارجيا ۽ آذر??ائ??جان ۾ پاڪستان جا سفير ۽ ٻنهي ملڪن جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڌرين ??طر??ن لاڳاپن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين افتتاحي اجلاس کي تعاون جي لاءِ اهم قرار ڏيندي واپار ۽ سيڙپڪاري، سياحت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ تعاون جي گڏيل فائديمند شعبن کي ڳولڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪار دوست پاليسين جو ذڪر ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ ??طر??ي واپار ۽ سيڙپڪاري جي بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪيو. ڌرين مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ??طر??ي سياسي مشاورت جي طريقيڪار کي پڻ باقاعده بڻايو. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ??طر??ي سياسي مشاورت جو ٻيو اجلاس ا??لا?? آباد ۾ ٿيندو. پرڏيهي سيڪريٽري جارجيا جي پرڏيهي وزير دارچيا شويلي ايليا سان پڻ ملاقات ڪئي. مشاروت جي افتتاحي دور جي آجيان ڪندي ٻنهي ڌرين اميد ظاهر ڪئي ته هي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جو بنياد رکندو. پرڏيهي سيڪريٽري جارجيا جي انصاف واري نائب وزير ۽ ??قت??اديات ۽ پائيدار ترقي واري نائب وزير سان پڻ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي سيڪريٽري جارجيائي ڪمپنين جي نمائندن سان گڏ هڪ انٽرايڪٽو تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي جتي هن پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ تعاون جي امڪانن کي کولڻ جي لاءِ سخت ڪاروبار بابت نيٽ ورڪنگ جي ضرورت تي زور ڏنو.