اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته سوڊان مان پاڪستاني شهرين جي انخلا جي ??نصوبي تحت جمعي جي صبح هڪ جهاز سوڊان مان ڪڍيل 149 پاڪستاني شهرين کي کڻي ڪراچي پهچي ويو، اٽڪل 200 پاڪستانين کي کڻي ٻن ٻين اڏامن جي اڄ دير تائين اچڻ متوقع آهي، انهن مان هڪ پ??رٽ سوڊان ۽ ٻيو جده کان پاڪستانين کي واپس آڻيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته سوڊان ۾ سيڪيورٽي جي ??شڪل صورتحال سان پاڪستانين جو انخلا پرڏيهي وزارت جي ??يادت ۾ هڪ مضبوط عالمي ايجنسي جي عمل جي ??تيجي ۾ ممڪن ٿيو آهي. هن چيو ته اسان جي انخلا جي ??نصوبي کي مرحليوار لاڳو ڪيو ويو آهي، آپريشن جي ??هرين ??رحلي ۾ 8 سئو کان وڌيڪ پاڪستانين کي سرطوم کان پ??رٽ سوڊان پهچايو ويو جيڪو محفوظ آهي، انخلا جي آپريشن جو ٻيو مرحلو پاڪستاني شهرين کي پ??رٽ سوڊان کان جده سعودي عرب يا سڌوسنئون پاڪستان پهچائڻ آهي. ترجمان چيو ته اڄ جون اڏامون پ??رٽ سوڊان کان جده جي رستي اچي رهيون آهن، اهو ان ٻئي مرحلي جو پهريون حصو آهي، اضافي اڏامن جو پڻ منصوبو ٺاهيو ويو آهي. هن چيو ته پ??رٽ سوڊان کان جده تائين انخلا جو عمل جاري آهي جنهن ۾ سعودي حڪومت پاران هلائي ويندڙ فيرين جي ذريعي انخلا به شامل آهي، ڪجهه مسافرن کي پ??رٽ سوڊان کان جده جي ??اءِ چيني سامونڊي جهاز سان به منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته اسان خطي جي دوست ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن ان ڏس ۾ خاص طور تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورا مڃيا جنهن پ??رٽ سوڊان کان جده تائين ??يري جي ذريعي ٽرانسپ??رٽ فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستاني شهرين جي ??لڪ واپسي تائين ??يزباني جي ذريعي ان عمل ۾ سهولت فراهم ڪئي. ترجمان موجب پرڏيهي وزارت ان آپريشن کي ٺوس ڪرڻ ۾ ايجنسين جي ??چ ۾ عمل جي ??يادت ڪندي رهندي، خرطوم ۽ پ??رٽ سوڊان ۾ پاڪستان جي سفير مير بهروز ريگي جي ??يم ان عمل کي آسان بڻائڻ جي ??اءِ اڻٿڪ محنت ڪئي آهي ۽ سوڊان ۾ رهندڙ پاڪستانين جي انخلا ۽ انهن کي ملڪ واپس آڻڻ تائين امداد فراهم ڪرڻ جاري رکندا. هن چيو ته جده ۾ اسان جو قونصليٽ جنرل سعودي عملدارن سان رابطو جاري رکندو ۽ جده جي رستي پاڪستانين جي اچ وڃ دوران مدد فراهم ڪندو.