اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جهڙي طرح جو کلواڙ ڪيو پيو وڃي اهڙو ڀيانڪ منظر اڳ ۾ ڪڏهن به ڏسڻ ۾ ناهي آيو، سپريم ڪورٽ ۾ جهڙي طرح ڪيس جي ڪارروائي ??لي سڀني جي سامهون آهي، سموريون حالتون ۽ واقعا سامهون اچي چڪا آهن، حڪومت ۾ شامل اتحاد?? پارٽيون مشاورت سان اجتماعي سوچ جي عڪاسي ڪندي ٺوس فيصلا ڪنديون ۽ آئين ۽ قانون سان سنگين مذاق تي پنهنجو موقف قوم آڏو رکنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومتي اتحاد?? پارٽين جي سربراهن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم اجلاس ۾ موجود ۽ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ سمورن اڳواڻن کي ڀليڪار چيو. اجلاس ۾ اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، سردار اختر مينگل وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. وزيراعظم چيو ته رمضان المبارڪ جي مصروفيتن جي باوجود اجلاس ۾ اڳواڻن جي شرڪت تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري هاڻي صحتياب آهي. هن سردار اختر مينگل جي گهرواريءَ جي صحت لاءِ پڻ دعا ڪ??ي. وزيراعظم چيو ته گذريل هفتي به اتحاد?? پارٽين جي اڳواڻن جي هڪ جامع ويهڪ ٿي هئي ۽ وڪيلن سان مشاورت به ٿي هئي، ڪابينا جا ٻه اجلاس پڻ ان دوران ٿيا. ان سان گڏوگڏ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس به ٿيا جنهن ۾ مقررين شاندار ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ هر رخ تي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جهڙي طريقي سان ڪيس جي ڪارروائي ??لي اهو اسان سڀني جي سامهون آهي، ڪهڙي طرح چار ٽي جي فيصلي کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ڪهڙي طرح ريڪيوز ٿيندڙ ججز ٻيهر بئنچ ۾ ويٺا ۽ ڪهڙي طرح جسٽس فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ بئنچ جي فيصلي کي اڳ ۾ سرڪلر جي ذريعي ختم ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ڪالهه هڪ ڇهه رڪني بئنچ ويٺي، اهي سڀ ڳالهيون قانون واري وزير بهتر طريقي سان اسيمبلي ۾ به ٻڌايون آهن ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميمبرن پڻ ان تي جاندار ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هڪ قرارداد اڳ ۾ ئي ??نظور ٿي چڪي آهي ۽ اميد آهي ته سڀاڻي هڪ ٻي قرارداد پڻ هائوس ۾ پيش ڪئي ??يندي، ان بابت قانون وارو وزير هينئر اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جو کلواڙ اڳ ۾ ڪڏهن ڏسڻ ۾ ناهي آيو، اهڙو ڀيانڪ منظر اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ڏٺو ويو، ان صورتحال ۾ روزانو قانوندانن سان مشاورت ٿي رهي آهي، ٽي رڪني بئنچ جنهن فل ڪورٽ جي گذارش کي رد ڪري ڇڏيو ۽ جنهن چار ٽي جي فيصلي بابت ڪا ڳالهه نه ڪئي ۽ جنهن ججز جيڪي ريڪيوز ڪري چڪا هئا انهن بابت به ڪا ڳالهه نه ڪئي. وزيراعظم چيو ته سياس?? پارٽين کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا گذارش جي باوجود پارٽي بڻائڻ جي درخواست رد ڪئي ??ئي، اهي حالتون ۽ واقعا توهان جي سامهون اچي چڪا آهن پر ڪالهه ان ٽي رڪني بئنچ جيڪو فيصلو ڏنو آهي ان موجب 10 اپريل ??ي حڪومت کي اليڪشن جي ??وا??ي سان فنڊز مهيا ڪ??ڻا آهن ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي 11 اپريل ??ي سپريم ڪورٽ ۾ فنڊز جي مڪمل يا جزوي ادائيگي جي ??وا??ي سان رپورٽ پيش ڪرڻي آهي جنهن جي تفصيلن ۾ آئون هينئر نه وڃي رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته ٻي ڳالهه جيڪا ان ٽي رڪني بئنچ ڪئي آهي اها اها آهي ته 17 اپريل ??ائين پنجاب ۾ پوليس جي سيڪيورٽي مهيا ڪ??ڻي آهي جڏهن ته وفاق کي فوج ۽ رينجرز جي جيڪا سيڪيورٽي مهيا ڪ??ڻي آهي ان ??وا??ي سان 17 اپريل ??ائين حتمي رپورٽ چيف اليڪشن ڪمشنر ذريعي پيش ڪئي ??يندي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي چونڊن جي ??وا??ي سان فيصلي ۾ ٽي رڪني بئنچ چيو آهي ته ان ??وا??ي سان لاڳاپيل ??دارن سان رجوع ڪري سگهجي ٿو ۽ هاءِ ڪورٽ به وڃي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته ڪالهه ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ تفصيل ??ان ڳالهه ٻولهه ڪئي ??ئي، قومي اسيمبلي ۾ به قانون واري وزير، خواجه سعد رفيق، شيري رحمان، مولانا اسعد محمود عمده ڳالهيون ڪيون، اڄ موجوده صورتحال تي سياسي قائدين جي مشاورت جي لاءِ هي اجلاس گهرايو ويو آهي ته جيئن اجتماعي سوچ جي عڪاسي ڪندي مشاورت سان ٺوس فيصلا ڪ??ي سگهجن ۽ پوري قوم کي خبر هجي ته هي جيڪو قانون ۽ آئين سان سنگين مذاق ڪيو پيو وڃي ۽ قوم جي قسمت جو فيصلو ٿيڻ وڃي رهيو آهي ان بابت حڪومتي اتحاد?? پارٽين جي راءِ ٺوس شڪل ۾ سامهون اچي سگهي.