اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پرڏيه?? معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان جرمن مملڪتي وزير ڊاڪٽر ٽوبياس ??ين??ر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالم?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب مملڪتي وزير حنا رباني کر پاڪستان پاران جرمني سان دوستي ۽ ت??او?? تي ٻڌل پراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي واپار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت، مائيگريشن ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ گهڻ رخي ٻطرفي ت??او?? کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گه??ي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي طرفن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قانوني هجرت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تازو ئي ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. پاڪستان جي ٻوڏ کان بچاءُ جي ڪوششن ۾ خاطرخواهه ت??او?? تي جرمني جا ٿورا مڃيندي مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي موس??يا??ي تبديلي ۽ غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي وزيرن اهم علائقائي ۽ عالم?? معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ افغانستانجي صورتحال، يوڪرين تڪرار، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ۽ عالمي برادري کي درپيش معاشي چئلينجز شامل آهن.