اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيڌرلينڊ جي ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽيلن جي لا??ِ نيڌرلينڊ جي حڪومت جي امداد ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي فريم ورڪ جي تياري ۾ ڊچ پا??ي ماهرن جي تعاون کي ساراهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ نيڌرلينڊ جي وزيراعظم مارڪ روٽي جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽيلن جي لا??ِ نيڌرلينڊ جي حڪومت جي امداد ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي فريم ورڪ جي تياري ۾ ڊچ پا??ي ماهرن جي تعاون کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن ل??ڳاپن جو پڻ جائزو ورتو ۽ ا?? حوالي سان اطمينان جو اظهار ڪيو. هن واپاري ۽ ا??تصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم نيڌرلينڊ جي ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير، افغانستان ۽ يوڪرين جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ت?? عالمي برادري اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل آواز اٿاري ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ جي لا??ِ گڏجي ڪم ڪري. هن سال پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي. ٻنهي وزيراعظم ان سنگ ميل کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.