اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي ماحوليات پروگرام پاران ٿيندڙ ڪم کي ساراهيندي ماحولياتي ??بد??لين، حياتياتي تنوع جي نقصانن ۽ ماحولياتي نظام ۾ ٿيندڙ ??بد??لين کي وڌيڪ موثر طريقي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي ماحوليات پروگرام جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر (يو اين اي پي) اينگر اينڊرسن ملاقات ڪئي. اينگر اينڊرسن پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي ??بد??لي اڄ وڏن مسئلن مان هڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي ??بد??لين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي ??بد??لين کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا. اينگر اينڊرسن وزيراعظم کي يو اين اي پي پاران پاڪستان ۾ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني ۽ يو اين اي پي ۾ پاڪستان جي فعال ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته يو اين اي پي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جو ??اٿ ڏي.