اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??سٽيج ۽ ٽ?? وي جي ناليواري اداڪار اسماعيل تارا جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسماعيل تارا مرحوم مشهور ڊرامن ففٽي ففٽي، رٻڙ بينڊ، ون وي وڪيٽ سميت ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن، ٽ?? وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ??يک??ريا، سندس لاڏاڻي سان فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته فلم ۽ ڊراما انڊسٽري لاءِ اسماعيل تارا جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم اسماعيل تارا کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.