سکر-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سکر سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، گذريل ڏينهن سکر، شڪارپور?? گهوٽڪي، خيرپور، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ نوشهروفيروز ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪ??هتي طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، ان موقعي تي اي??يشنل ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز مهدي مالوف جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ريلي ڪڍي وئي، ڪشميري ڀائرن سان يڪ??هتي جي سلسلي ۾ نوشهروفيروز ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ اي??يشنل ڊپٽي ڪمشنر سيد عمار حسين، اسسٽنٽ ڪمشنر احسان الله يوسفزئي کانسواءِ سمورن کاتن جي آفيسرن ۽ تعليمي ادارن جي شاگردن ?? شهرين شرڪت ڪئي، ريلي جي پچاڻي تي خطاب ڪندي اي??يشنل ڊپٽي ڪمشنر مهدي مالوف چيو ته سڄي دنيا ۾ 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد ڪشميري ڀائرن سان يڪ??هتي جو اظهار ڪرڻ آهي، اسان ڪشميرين تي ٿيل ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪريون ٿا، اڄوڪي ڏينهن اسان اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان?? قوم ڪشميري عوام سان گڏ آهي.