اس??ام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ارشد شريف جي لاش جي جلد وطن واپسي جي لاءِ ڪينيا جي عملدارن سان ڪي??ري?? ئي سطحن تي سرگ??م عمل آهي، وزيراعظم شهباز شريف ڪينيا جي صدر وليم روٽو سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ضابطي جي ڪاررواين کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ لاش جي وطن واپسي جي د??خواست ڪئي آهي. ڪينيا جي صدر ان افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ مڪمل جاچ ۽ ميت جي جلد کان جلد وطن واپسي جي خاطري ڪرائي. ترجمان موجب پرڏيهي وزارت ۽ نيروبي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ان عمل کي آسان بڻائڻ ۽ تيز ڪرڻ جي لاءِ مسلسل رابطي ۾ آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان باضابطا طور تي ڪينيا جي حڪومت کي واقعي جي جاچ ڪرائڻ جي د??خواست پڻ ڪئي آهي. وقتي پرڏيهي سي??ري??ري رضا بشير تارڙ پڻ اس??ام آباد ۾ ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ڪئي آهي ته جيئن معاملي جي اهميت ۽ ميت جي فوري وطن واپسي تي زور ڏئي سگهجي. ٻئي طرف وقتي پرڏيهي سي??ري??ري قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي معزز ميمبرن کي ان بابت اڳڀرائي ک??ن آگاهه ڪيو.