اسلام آباد -10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سنڌ جي ضلع لاڙڪاڻي جي ??ختلف امدادي ڪيمپن جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ٻوڏ متاثر ماڻهن جا مسئلا ٻڌا ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ مصروف ليڊي هيلٿ ورڪرز، نرسز ۽ انتظاميه جي ??اڻهن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. ان موقعي تي ٻوڏ سبب آيل تباهي تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي ش??هه بريفنگ پڻ ڏني.