غذر – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي بحالي جي لاءِ صوبائي حڪومتن سان ??ڏجي ڪم ڪن??اسين، متاثرين کي امداد جي شفاف ورڇ تي ڪو ٺاهه نه ڪن??اسين ڀلي ان جي لاءِ حڪومت جي قرباني ڏيڻي پوي، وزيراعظم غذر جي علائقي بوبر ڳوٺ جي بحالي لاءِ 10 ڪروڙ ر??يا جڏهن ته 5 ڪلوميٽر رستي جي تعمير جي لاءِ گرانٽ ج?? فراهمي جو اعلان ??يو. گلگت بلتستان جي دوري جي موقعي تي ٻوڏ متاثرين سان ??الهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ توهان وٽ حاضر ٿيا آهيون ۽ برساتن سبب فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، توهان جي پيارن جي وڇڙي وڃڻ جو اسان ??ي دلي افسوس آهي، ٻوڏ ريلي غذر ۾ جيڪا تباهي مچائي آهي ان تي پورو پاڪستان ??کويل آهي، برساتن، دريائن جي طغياني ۽ ٻوڏ سان پوري پاڪستان ۾ جيڪا تباهي آئي اهي ان جو مٿال نه ٿو ملي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هر طرف هڪ تباهي متل آهي، خيبرپختونخواهه ۾ سوات ويلي ۾ تباهي ٿي آهي، پنجاب جي ڏاکڻي ضلعن ۾ تباهي ٿي آهي، گلگت بلتستان ۾ به انتهائي افسوسناڪ ۽ ڏک ڀريل ڪهاڻي آهي، هڪ هزار کان وڌيڪ فوت ۽ هزارين زخمي ٿيا، لکين گهر تباهه ٿيا، لکين چوپايو مال وهي ويو، هزارين ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل تباهه ٿيا. هن چيو ته معاشي طور تي پاڪستان اڳ ۾ ئي مشڪل صورتحال ۾ هو، هاڻي ٻوڏ ۽ برساتن جي صورت ۾ هڪ ٻيو امتحان اچي ويو آهي جڏهن ته الله جي ڪرم ۽ مهرباني سان ان جو مقابلو ڪن??اسين. هن چيو ته هو اتحادي پارٽين پاران اهو ٻڌائڻ آيو آهي ته متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، متاثرين جون ڪهاڻيون دل کي چيري ڇڏين ٿيون، هتي ويٺل ٻارڙي جي خاندان جا 8 ماڻهو طغياني جي ور چڙهي ويا، الله پاڪ ان ٻارڙي کي صبر ۽ همت ڏي، اهو حڪم الاهي آهي ان جي اڳيان ??نهن جي نه ٿي هلي، الله پاڪ انهن فوت ٿيندڙن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي، غذر ۾ 17 ماڻهو فوت ٿيا، وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک ر??يا معاوضو ڏنو پيو وڃي جڏهن ته اهو معاوضو ڏکن جومداوو نه آهي پر زندهه رهندڙن جي لاءِ وسيلا گهرجن. هن چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ انهن 17 ماڻهن جي پونئيرن کي اهو معاوضو ملڻ گهرجي، تباهه ٿيندڙ گهرن جو معاوضو به ڏينداسين، اين ڊي ايم اي پاران ??ڏيل سروي شروع ڪئي وئي اهي، مشڪلاتن جو گڏجي انصاف سان مداوو ڪن??اسين، پوري قوم کي اهو يقين ڏياريون ٿا ۽ واعدو ڪريون ٿا ته امداد رڳو حقدار کي ملندي، شفافيت تي ڪو ٺاهه نه ڪن??اسين، منهنجي جان يا حڪومت هلي وڇي ان تي ڪو ٺاهه نه ڪن??س، هڪ هڪ پائي حقدار تائين پهچندي، ان ۾ ڪا سياست رنڊڪ نه بڻجندي. هن چيو ته جيڪو به توهان جي حق لاءِ وڙهندو ان ??ي شاباس ڏينداسين، هي هڪ جهاد آهي، ان ۾ سڀني کي گڏجي اڳتي وڌڻو آهي، ڏکويل انسانيت جو هٿ پڪڙڻو آهي. هن چيو ته اسان جا دوست ملڪ تعاون ڪري رهيا آهن، ترڪيه مان هڪ وفد آيو، ان سان ملاقات ٿي، اهي هر قسم جي مدد لاءِ تيار آهن، انهن ڀائرن وانگر پنهنجي دل کولي آهي، اهڙي طرح گڏيل عرب امارات کان به امداد ملي رهي آهي، چين، برطانيا، آمريڪا، قطر سميت ٻين ملڪن کان به امداد ملي رهي آهي. هن چيو ته پنهنجي زندگي ۾ ايتري وڏي ٻوڏ ڪڏهن ناهي ڏٺي، آئون ۽ منهنجا ساٿي ۽ حڪومت سک سان نه ويهنداسين ۽ نه ئي سياست ڪن??اسين، صوبائي حڪومتن سان ??ڏجي ڪم ڪن??اسين، گلگت بلتستان سميت سڀني کي هڪ ڪانفرنس ۾ دعوت ڏني، اسان ٻيهر انهن کي دعوت ڏينداسين، اهي ايندا ته اسان ??ي خوشي ٿيندي، اسان ??ڏجي ڪم ڪن??اسين، هي قوم کي سياست کان مٿانهون ان صورتحال مان ??ڍڻ جو وقت آهي. هن چيو ته ٻوڏ سان جن جي گهرن کي نقصان پهتو آهي، انهن جي لاءِ 25 هزار ر??يا روڪ رقم ڏني پئي وڃي، فصلن، گهرن جو معاوضو ان ??انسواءِ آهي، وفاقي حڪومت پاران انهن کي رقم ورهائڻ شروع ٿي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته متاثرين کي گذارش آهي ته اهي صبر سان ??م وٺن، آخري متاثر شخص جي بحالي تائين اسان توهان سان ??ڏ بيٺل آهيون، اسان توهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن خاندان جي 8 ماڻهن جي پونئيرن کي مخاطب ڪن??ي چيو ته انهن جي خاندان جي لاءِ ان ??ان وڏي ڏک جي ڪهڙي ڳالهه هوندي پر اهو الله جو حڪم آهي، انبياءَ جا پيارا به انهن کان وڇڙي ويا، هن خاندان ??ي سهارو ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آهي، هتان جي مقامي ماڻهن کي انهن جي ڇت بڻجڻو آهي. هن غذر ۾ فوري طور تي 5 ڪلوميٽر رستي جي تعمير جو اعلان ??يو، وفاق ان جا خرچ برداشت ڪن??و. وزيراعظم ان ??وٺ جي تعمير لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي خصوصي گرانٽ ج?? پڻ اعلان ??يو. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ??ائره، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، مسلم ليگ (ن) جو صوبائي صدر حافظ حفيظ الرحمان، امجد ايڊووڪيٽ سميت ٻيا پڻ موجود هئا.