دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف اڄ پنهنجي قطر جي دوري جي دوران قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات جي لاءِ اميري ديوان ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف اڄ دوحه ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم امير قطر شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات جي لاءِ اميري ديوان ويندو. پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ مخ??لف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اميري ديوان ۾ وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم اڄ دوحه ۾ 974 اسٽيڊيم جتي فيفا ورلڊ ڪپ 2023ع ٿيندو جو دورو به ڪندا. وزيراعظم کي اسٽيڊيم جي مخ??لف سيڪشنز ۽ سهولتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي. ان کان علاوه قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ا??تص??دي ۽ معاشي تعاون جي فروغ جي حوالي سان وزيراعظم اڄ قطر بزنس مين ايسوسي ايشن ۽ قطر ايئرويز جي سي او سان به ملاقات ڪندو.