اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪي روانو ٿي ويو آهي. وز??راعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وز??ر خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، سيڙپڪاري بورڊ جو وز??ر چوڌري سالڪ حسين، خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ فهد حسين به وز??راع??م سان گڏ آهن، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وز??راعظم شهباز شريف جو ترڪي جو اهو پهريون دورو آهي، پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو به ترڪي پهچندو، دورو 31 مئي کان 2 جون 2022ع دوران وز??راعظم شهباز شريف جي صدر رجب طيب اردوان سان نويڪلائي ۾ ملاقات ٿيندي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهين جو انعقاد ٿيندو، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو وٺڻ کانسواءِ ٻئي اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا، ٻئي اڳواڻ اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان گڏيل خطاب به ڪندا، صدر اردوان وز??راعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو. هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه به ملهائي پئي وڃي، دوري دوران صدر اردوان ۽ وز??راعظم شهباز شريف گڏيل طو?? تي يادگاري نشان به جاري ڪندا جيڪو ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ غير معمولي ٻطرفن لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ ۾ ان اهم سنگ ميل ??ي مناسبت سان تيار ڪيو ويو آهي، ترڪي جي پرڏيهي معاملن، واپار ۽ صحت وارا وز??ر به دوري دوران وز??راع??م سان ملاقات ڪندا، وز??راعظم ترڪي ??ي مشهور ڪاروباري ماڻهن ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان به تفصيلي ملاقات ڪندا. ترڪي جي ڪاروباري برادري جا نمائندا يونين آف چيمبرز ڪموڊيٽي ايڪسچينج (ٽي او بي بي) جو صدر وز??راعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏيندو، وز??راعظم ترڪي بزنس ڪائونسل فورم ۾ به شرڪت ڪندو، جنهن جو اهتمام ترڪي جي پرڏيهي معاشي لاڳاپن واري بورڊ (ڊي اي آءِ ڪي) جي سهڪار سان ڪيو ويو آهي، وز??راعظم انهن تقريبن جي دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ??ي موقعن کي اجاگر ڪندو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ترڪ ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪندو ته جيئن پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي، مشهور پاڪستاني ڪاروباري شخصيتون انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪنديون، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ (بي ٽو بي) ملاقاتون به ٿينديون.