اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ?? وزيراعظم کي سنڌ جي انتظامي ۽ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ۾ رونما ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن تي به بريفنگ ڏني وئي ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته شرپسند عنصرن کي ڪراچي جو امن امان خراب ڪرڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏينداسين. ملاقات ?? اتفاق ڪيو ويو ته ڪراچي جي ترقي ۽ خوشحالي لا??ِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڀرپور تعاون سان ڪم ڪنديون.