لاهور – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف عوام جي ڀلائي ۽ ت??قي لاءِ معاشي م??ڪلاتن جي موثر تدارڪ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي جي شين جي سستي اگهن تي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب هن اها هدايت ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل خان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي حبيب بئنڪ جو صدر محمد اورنگزيب، پنجاب جو چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف درپيش معاشي م??ڪلاتن کي عوام جي ڀلائي ۽ ت??قي لاءِ موثر طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي سستي اگهن تي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ خصوصي انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم بئنڪاري ??ظا?? کي عام ماڻهو جي م??اشي ڀلائي ۽ ت??قي لاءِ آسان بڻائڻ تي زور ڏنو.