اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين روزاني الاخبار جي چيف ايڊيٽر غلام اڪبر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته غلام اڪبر صحافت جي شعبي ۾ پنهنجي جدا سڃاڻپ ۽ مقام رکندو هو، الاخبا?? ۾ ??ندس ڪالم ”اڄ جي ڳالهه“ جا پڙهندڙ سدائين م??تطر رهندا هئا. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ک?? جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.