اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ آفريقا جي آنجهاني اڳواڻ نيلسن منڊيلا جي ويجهي ساٿي نوبل انعام يافته آرچ بشپ ڊسمنڊ ??وٽ?? جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي تعزيتي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ڊسمنڊ ??وٽ?? جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊسمنڊ ??وٽ?? نسل پرستي جي خلاف ۽ انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ۾ هڪ قدآور شخصيت هئي. وزيراعظم چيو ته ڏکڻ آفريقا جي آزادي ۽ قومي مفاهمت ۾ سندس اهم ڪردار ??يندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه آهي.