اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ خميس تي لاهور جو هڪ ڏينهن جو د??رو ڪندو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم لاهور ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون لاهور ٽيڪنا پولس ??و افتتاح ڪندو. ٽيڪنالاجي زون جي تعمير لاهور نالج پارڪ ڪمپني تحت ٿي آهي جتي وڏي پئماني تي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ برآمدي صلاحيت وڌائڻ لاءِ سيڙپڪ??ري ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي ٽيڪنالاجي زون ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ 12 ڪمپنين ??ي لائسنس ج??ري ڪيا ويندا، وڌيڪ ملڪ جي ٻين حصن ۾ ٽي ٽيڪنالاجي زونز جي تعمير لاءِ 300 ملين ??الر جي سيڙپڪ??ري جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون به ڪيون وينديون. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب به ڪندو. وزيراعظم لاهور ۾ اهم اجلاسن جي صدارت ڪندو، ان کانپوءِ وزيراعظم گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي نيو ڪيمپس ۽ ابو الحسن الشاذلي ريسرچ سينٽر آن صوفي ازم، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو افتتاح ڪندو.