اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي م??حده عرب امارات جي 50 هين سالگرهه تي ان ??ي قيادت ۽ عوام کي پاڪستان جي پارليامينٽ، حڪومت ۽ عوام پاران ??ل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني آهي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته متحده عرب امارات جي سياسي قيادت اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي جون مثالي منزلون طئي ڪيون آهن. پاڪستان يو اي اي جي عوام جي خوشين ۾ ش??يڪ آهي. هن چيو ته خطي جي ترقي م??اشي خوشحالي ۽ امن جو فروغ اسان ??و گڏيل ويزن آهي. پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جا ڀائراڻا لاڳاپا ڊگهي م??ي واري تعاون تي ٻڌل آهن. ڀائيچاري ۽ اعتماد جو رشتو گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي رابطن جي ڪري وڌ??ڪ مستحق ٿي رهيو آهي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته عالمي فورمن تي م??الي تعاون پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ اعتماد ۽ احترام کي ظاهر ڪري ٿو. اسان کي انهن لاڳاپن ۽ ڀائيچاري جي فضا کي وڌ??ڪ سگهه ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ ۽ واپاري سرگرمين کي وڌ??ڪ وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، محمد صادق سنجراڻي چيو ته سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري چرپر جي ذريعي ٻنهي طرفن جي عوام کي وڌ??ڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي دوستي وقت جي هر امتحان ??ي پوري لٿي، متحده عرب امارات ۽ پاڪستان جي لاءِ نئين ڪاميابين ۽ ترقي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان – متحده عرب امارات دوستي زنده باد.