اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي بندشن جي ڪري عالمي سطح تي ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ان چئلينج کي ??را??ري طور بهتر انداز ۾ منهن ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي سان دنيا ??ا ڪيترائي ملڪ ڪورونا لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ بري طرح متاثر ٿيا آهن پر پاڪستان ماشاءَ الله ??را??ري طور تي بهتر رهيو آهي. وزيراعظم ناڻي واري صلاحڪار جي ترجمان مزمل اسلم جو هڪ وڊيو ڪلب به شيئر ڪيو جنهن ۾ پاڪستان جي معيشت بابت ڪجهه غلط تصورن کي رد ڪيو ويو. مزمل اسلم فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي چيو ته هن سال سيپٽمبر کان آڪٽوبر تائين کاڌي پي??ي جي شين جي قيمتن ۾ 1.9 س??ڪڙ??، ورلڊ سيريل انڊيڪس ۾ 3.2 س??ڪڙ??، کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ 9.6 س??ڪڙ?? ۽ ڊيري مصنوعات جي قيمتن ۾ 2.6 س??ڪڙ?? اضافو ٿيو آهي. مزمل اسلم چيو ته عالمي سطح تي ناڻي واڌ جي رجحان جي باوجود آڪٽوبر ۾ پاڪستان جي روانگي واپار ۾ 17 س??ڪڙ?? اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ هن سال اهو 30 بلين ڊالر تائين پهچڻ جو امڪان آهي. هن سال ٽيڪسٽائيل جو روانگي واپار 22 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آهي.