اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان چيو آهي ته افغانستان ۾ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي لاءِ هن طالبان سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ٺوس حڪومت پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي جيڪا رڳو افغانستان ئي نه پر خطي جي به مفاد ۾ آ??ي. ??ن اها ڳالهه ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽس ۾ چئي آ??ي. ??زيراعظم چيو ته دوشنبي ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتن خاص طور تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هن هڪ شموليتي حڪومت جي لاءِ تاجڪ، هزاره ۽ ازبڪ برادري جي افغان حڪومت ۾ شموليت جي لاءِ طالبان سان ڳالهين جي شروعات ڪري ڇڏي آ??ي. ??زيراعظم چيو ته 40 سالن جي ويڙهه کانپوءِ (انهن ڌڙن جي اقتدار ??) شموليت هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي جيڪا رڳو افغانستان ئي نه پر خطي جي به مفاد ۾ آهي.