اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ويهي پاڪستان ۽ فوج جي خلاف ٽرينڊز هلائيندڙ ۽ ان جو دفا?? ڪندڙ اڄ افغانستان جي صورتحال کان اکيون ڦيرائي رهيا آهن، عوام تڏهن محفوظ هوندي آهي جڏهن ادارا مضبوط هجن، اسان کي الله جو ??ورو ادا ڪرڻ گهرجي ته پاڪ فوج ۽ ٻي?? ادارا تسبيح جهڙي ترتيب ۾ اسان جي چوڌاري قلعو بڻائي بيٺل آهن، پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته افغانستان جا حڪمران ڏهاڪن تائين ملڪ کي لُٽيو، وسيل?? ادارا ٺاهڻ تي نه لڳايا پر ذاتي ٽجوڙيون ڀريون، ان جو ??تيجو آهي ته اڄ ان جو دفاعي قلعو ڌوڙ جي ديوار ثابت ٿيو آهي، اسان کي آزادي جو ??در ۽ ملڪ جي اهميت سان روشناس رهڻ گهرجي ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا کان هوشيار به رهڻ گهرجي.