اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ترڪي ۾ منعقد انطاليه سفارتي فورم جي موقعي تي اقتصادي سهڪار ??نظيم (اي سي او) جي سي??ريٽري جنرل هادي سليمان پور سان غير رسمي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اقتصادي سهڪار ??نظيم ۾ پاڪستان جي متحرڪ ڪردار، اي سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي وٺائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان اقتصادي سهڪار ??نظيم جو باني ميمبر هجڻ جي حيثيت سان علائق??ئي اتحاد ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پر عزم آهي، پاڪستان اقتصادي سهڪار ??نظيم جي فريم ورڪ جي روشني ۾ ميمبر ملڪن سان گڏيل واپار، اقتصادي ت??قي ۽ علائق??ئي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو مصالحاڻيون ڪوششون ڪتب آڻي رهيو آهي.