اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 46 فوتگيون ٿيون جنهن مان 18 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ ??ينڊ ??پريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 118 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شه??ن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 40 سيڪڙو، لاهور ۾ 20 سيڪڙو، پشاور ۾ 18 سيڪڙو ۽ بها??لپ??ر ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شه??ن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 26 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 31 سيڪڙو، ملتان ۾ 25 ۽ گلگت ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪ??وي?? – 19 جا 37 هزار 196 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 755، پنجاب ۾ 7 هزار 619، خيبرپختونخواهه ۾ 9 هزار 527، اسلام آباد ۾ 4 هزار 419، بلوچستان ۾ هڪ هزار 30، گلگت بلتستان ۾ 372، آزاد ڪشمير ۾ 474 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??وي?? 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 87 هزار 95 ٿي چڪو آهي. گگت