اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ چيئرمين اسد عمر ۽ ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان خان جي صدارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو، فورم ماسڪ نه پائڻ، سماجي فاصلي ۽ واپاري وقتن بابت ايس او پيز تي عمل ڪرڻ بابت اين سي او سي جي هدايتن تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. فورم ويڪسين جي خريداري جي عمل ۽ ان کان??وء?? صوبن کي منصفاڻي ورڇ جي عمل تي اطمينان جو اظهار ڪيو، پاڪستان پاران خريد ڪيل هڪ ملين سائنوفارم ويڪسين ملي چڪي آهي ۽ سمورن صوبن ۾ ورهائي وئي آهي، صوبن کي اهو يقيني بڻائڻو آهي ته اين سي او سي جي ذريعي مقرر ڪيل ويڪس??ني??ن هدفن جي ڀرپور پيرو?? ڪئي وڃي.