اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا آ??يٽ?? جنرل آف پاڪستان جي اداري کي وڌيڪ بااختيار، خودمختيار ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ قانوني ترميمون ڪرڻ ۽ سنڌ صوبي ۾ ضمني چونڊن جي تڪن ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ پاڪستان رينجرز مقرر ڪرڻ سميت 15 نقاطي ايجنڊا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا اسلام آباد ۾ مارجي ويل نوجوان اسامه ستي جي والدين کي قانوني ڪارروائي ۽ انصاف جي فراهمي جي خاطري ڪرائي، ڪابينا گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن گمشدگين جي خاتمي لاءِ قانون بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ٿيندڙ فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل ٻن سالن کان هر اڱا??ي ??ي ڪابينا جو اجلاس ٿيندو پيو اچي، اڄ 15 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، هن ٻڌايو ته آ??يٽ?? جنرل آف پاڪستان جي فنڪشنز بابت بل آڻي رهيا آهيون جنهن جو مقصد ان جي اختيارن کي وڌيڪ واضح ڪرڻ، شفافيت آڻڻ ۽ دائري کي وڌائڻ آهي.