اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان تي اصولي تنقيد ڪندڙن کي پارٽي مان ڪڍڻ آمريت ۽ فسطائيت جي بدترين شڪل آهي، فيصلي ثابت ڪري ڇڏيو ته جي يو آءِ (ف) ۾ ڊڪٽيٽرشپ مڙهيل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو ته پنهنجي پراڻي ساٿين جي ٿوري تنقيد برداشت نه ڪندڙن قوم کي ڏيکاري ڇڏيو ته اهي اندر ۾ ڪيترا جمهوري آهن. هن چيو ته ٻين کي اسلام جي مثالن جا حوالا ڏيندڙن کان پڇان ٿو ته ڇا اسلام ۾ سوال پڇڻ تي اه??و ئي سلوڪ ڪيو وڃي ٿو؟