اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ??ري ??ڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ??يل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 736 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 10 متاثر مريض ان وائرس سبب فوت ٿ??ا جنهن مان 10 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿ?? ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 28 هزار 534 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 7 هزار 843، پنجاب ۾ 9 هزار 639، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 459، اسلام آباد ۾ 4 هزار 406 ، بلوچستان ۾ هڪ هزار 72 ، گلگت بلتستان ۾ 409، آزاد ڪشمير ۾ 706 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 9 هزار 136 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄ?? ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 91 مريض آهن. سڄ?? ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 9 هزار 642 آهي. سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 25 هزار 480 آهي.