اسلام آباد – 04 آگ??ٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري عوام 5 آگ??ٽ 2019ع تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير ۾ ڪيل ڀارت سرڪار جي غيرآئيني ۽ هڪطرفي قدم کي ??د ڪري چڪي آهي، ڀارت سرڪار جي نفرت تي ٻڌل پاليسين، پوري خطي جي امن امان کي ??طري ?? وجهي ڇڏيو آهي، نئون سياسي نقشو پوري پاڪستاني قوم جي امنگن جي ترجماني ڪري ٿو، پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو. اها ڳالهه هن ڪشمير جي صورتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ ميڊيا ايڪرز کي ??ريفنگ ڏيندي چئي. پرڏيهي وزير صحافين/ اينڪرز کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي قابض فوج جي ظلمن ۽ خطي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان آگ??هه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي هندوتوا پاليسين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ان??اني حقن جي خلاف ورزين کي هر عالمي فورم تي بي نقاب ڪيو. ڀارت سرڪار جي نفرت تي ٻڌل پاليسين، پوري خطي جي امن امان کي ??طري ??وجهي ڇڏيو آهي. ڀارت والاريل ڪشمير جي آبادياتي تناسب کي ??بديل ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو عالمي قانونن جي منافي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ ڪابينا اجلاس ۾ پاڪستان جي نئين سياسي نقشي جي منظوري هڪ تمام وڏو قدم آهي.