اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جانورن جون منڊيون قائم ڪرڻ بابت طريقيڪار صوبن سان شيئر ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ضروري صحت، گائيڊ لائين ۽ تجويزون ??ام?? آهن، سڄي ملڪ ?? ڪنهن به جڳ??ه تي شهر جي اندر منڊي نه لڳائي ويندي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1979 مثبت ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، وڌيڪ 50 ڪورونا متاثر ماڻهو فو?? ٿيا، سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 70 هزار 656 ماڻهو ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن. اين سي او سي موجب هن وق?? سڄي ملڪ ۾ 77 هزار 628 ڪورونا ايڪٽو ڪيسز آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 21 هزار 20 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن ۾ سنڌ جا 8 هزار 930، پنجاب جا 7 هزار 375، خيبرپختونخواهه جا 2 هزار 98، بلوچستان جا 204، گلگت بلتستان جا 62 ۽ آزاد ڪشمير جا 337 ٽيسٽ ??ام?? آهن. آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به مريض وينٽي ليٽر تي نه آهي.