اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي خلاف جنگ ڪندڙ ڊاڪٽرن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ پوري قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي، ڊاڪٽرن جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم ک??ند??سين، پاڪستان ۾ اها وبا ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ گهٽ پکڙي ۽ فوتگين جي شرح پڻ تمام گهٽ آهي، ماضي ۾ صحت جي شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو جڏهن ته هاڻي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا و??يل?? استعمال ۾ آڻي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنٽونمينٽ جنرل اسپتال راولپن??ي جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.