سپريم ڪورٽ پي آءِ اي جي نجڪاري بابت پنهنجو حڪم واپس وٺي ڇڏيو

image

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ حڪومت کي سپريم ڪورٽ جي اجازت کانسواءِ قومي فضائي ڪمپني پي آءِ اي جي نجڪاري کان روڪڻ جو پنهنجو اڳوڻو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 6 رڪني آئيني بينچ خميس ڏينهن پي آءِ اي جا وڌيڪ شيئرز سستن اگهن تي وڪرو ڪرڻ جي خبرن تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان وقت جي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار نجڪاري جي عمل کي روڪڻ جي معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ، نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ ۽ پي آءِ اي جي وڏن نقصانن جي سببن جي جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. حڪم نامي ۾ حڪومت کي هدايت ڪئي وئي ته سپريم ڪورٽ جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ پي آءِ اي جي نجڪاري کي اڳتي نه وڌايو وڃي. تنهن هوندي به سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪالهه هڪ مختصر ٻڌڻي ۾ پنهنجو حڪم واپس وٺي ڇڏيو، جنهن سان قومي ايئر لائن جي نجڪاري ڪرڻ جي حڪومتي منصوبي جي راهه هموار ٿي وئي.

مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں