وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو

image

اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ڏينهن ڪراچي جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو هي ڪراچي جو پهريون دورو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مزار قائد تي حاضري ڀريندو. وزيراعظم ڪراچي ۾ ڪاروباري برادري جي ناليوارين شخصيتن ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي وفد سان ملاقات پڻ ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ وزيراعظم ڪاروباري برادري کان ملڪي معيشت جي بهتري جي حوالي سان تجويزون وٺندو. دوري ۾ وزيراعظم سان سنڌ جي گورنر ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقاتون پڻ شامل آهن، جن ۾ وزيراعظم سنڌ صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.

مضمون کا ماخذ : estatísticas quina
متعلقہ مضامین
مزید خبریں