پاڪستان پاران استنبول جي علائقي ۾ باهه لڳڻ ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ترڪيه جي شهر استنبول جي علائقي ۾ گذريل ڏينهن باهه لڳڻ ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان جون دعائون ۽ همدردي متاثرين ۽ انهن جي سوڳوار خاندانن سان گڏ آهن. بيان موجب پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪيه جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں