وزيراعظم وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود پاران مبارڪباد جي پيغام تي سندس ٿورا مڃيا

image

اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود پاران وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي نيڪ خواهشن ۽ دعائن تي سندس ٿورا مڃيا آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا گڏيل احترام، مذهبي ۽ ثقافتي وابستگي ۽ گڏيل قدرن تي ٻڌل تاريخي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهن. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته هي ڀائراڻو رشتو ايندڙ وقتن ۾ وڌيڪ وڌندو. شهباز شريف چيو ته ٻنهي ڀائرن ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد جي لاءِ هو پنهنجي ڀاءُ سعودي ولي عهد سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.

مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس
متعلقہ مضامین
مزید خبریں