ملڪ جي ايندڙ وزير اعظم جو چونڊ شيڊيول جاري، نئين وزير اعظم جي چونڊ آچر تي ٿيندي

image

اسلام آباد- 29 فيبروري (اي پي پي)ملڪ جي ايندڙ وزير اعظم جي چونڊ جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب نئين وزير اعظم جي چونڊ هاڻي 03 مارچ آچر تي ٿيندي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق وزيراعظم جي عهدي لاءِ نامزدگي ڪاغذات ڇنڇر 2 مارچ 2024ع تي منجهند جو 02 وڳي ڪرائي سگهجن ٿا. نامزدگي ڪاغذات قومي اسيمبلي جي قانون سازي واري شعبي مان حاصل ڪري سگهجن ٿا. نامزدگي ڪاغذات جي جانچ پڙتال ساڳئي ڏينهن منجهند جو 03 وڳي تائين عمل ۾ آندي ويندي. وزير اعظم جي چونڊ اوپن ڊويزن ذريعي ٿيندي.

مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں