چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير پاران قوم کي عام چونڊون ڪاميابي سان منعقد ٿيڻ تي مبارڪون

image

اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير عام چونڊون 2024 ڪاميابي سان منعقد ٿيڻ تي سڄي پاڪستاني قوم، نگران حڪومت، سياسي پارٽين ۽ سمورن ڪامياب ٿيل اميدوارن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني عوام جي پنهنجي راءِ ڏيڻ جي حق جي استعمال لاءِ آزاد ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي شرڪت جمهوريت لاءِ سندس عزم جو ثبوت آهي، الله ڪري اهي چونڊون سياسي ۽ معاشي استحڪام آڻن ۽ اسان جي پياري پاڪستان لاءِ امن ۽ خوشحالي جو مرڪز ثابت ٿين. قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيف آف آرمي اسٽاف چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قيادت ۽ اهلڪار تمام گهڻين ڏکيائين باوجود چونڊ عمل لاءِ محفوظ ماحول بڻائڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ تعريف جا مستحق آهن. قومي ميڊيا، سول سوسائٽي، سول انتظاميا ۽ عدليه جي ميمبرن جي تعميري ڪردار قومي تاريخ جي سڀني کان وڏي چونڊ مشق کي ڪاميابي سان منعقد ڪرائڻ کي ممڪن بڻايو. چيف آف آرمي اسٽاف چيو ته سمورين جمهوري قوتن جي نمائنده متحد حڪومت، پاڪستان جي سياست کي قومي مقصد سان گڏ بهتر طريقي سان پيش ڪندي، چونڊ ۽ جمهوريت پاڪستان جي عوام جي خدمت جو ذريعو آهن، قوم کي انتشار ۽ ورهائڻ جي سياست کان اڳتي وڌڻ لاءِ مستحڪم هٿن ۽ هڪ صحت بخش عمل جي ضرورت آهي. انتشار ۽ ورهائڻ واري سياست 25 ڪروڙ آبادي واري ترقي پسند ملڪ لاءِ مناسب ناهي. چيف آف آرمي اسٽاف چيو ته چونڊ کٽڻ يا هارائڻ جو مقابلو نه پر عوام جي مينڊيٽ جو تعين ڪرڻ جي مشق آهي، سياسي قيادت ۽ انهن جي ڪارڪنن کي ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي حڪومت ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ گهرجي جيڪو جمهوريت کي فعال ۽ بامقصد بڻائڻ جو واحد رستو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام پاڪستان جي آئين تي پنهنجو گڏيل اعتماد ظاهر ڪيو آهي، هاڻي سمورن سياسي پارٽين تي فرض آهي ته اهي سياسي پختگي ۽ اتحاد سان ان جو جواب ڏين، جڏهن اسان ان قومي سنگ ميل کان اڳتي وڌون ٿا ته اسان کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته اڄ ملڪ ڪٿي بيٺو آهي ۽ باقي قومن ۾ اسان جو صحيح مقام ڪٿي هجڻ گهرجي. آرمي چيف خواهش جو اظهار ڪيو ته اهي چونڊون سياسي ۽ معاشي استحڪام آڻڻ ۽ اسان جي پياري پاڪستان لاءِ امن ۽ خوشحالي جو مرڪز ثابت ٿين.

مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں